سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو

سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو: سيد اسماعيل شاهه جي مزار محمد طور عرف شاهڪپور، تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. ڪپور مهاڻي قبيلي جو فرد هو، جنهن پنهنجي مرشد جي گھڻي خدمت ڪئي، جنهن تي مرشد خوش ٿي چيس ته تنهنجو نالو منهنجي نالي سان گڏ ورتو ويندو. تنهنڪري شاهڪپور مشهور ٿي ويو. هيءُ بزرگ امير پير جي نالي سان به سڏبو آهي. هن بزرگ جي مزار تي هر سال ربيع الاول مهيني ۾ عرس ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو